قمر واحد ڊاڪٽر

قمر واحد، ڊاڪٽر: تعليمدان ۽ محقق، ڊاڪٽر قمر واحد 4 مارچ 1938ع تي، حيدرآباد ۾ قاضي پير بخش جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم رڪمڻي ٻائي اسڪول، مئٽرڪ ميران گرلز هاءِ اسڪول هيرآباد مان، جڏهن ته ايم. ايڊ ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. 1970ع تائين حيدرآباد جي مختلف خانگي اسڪولن ۾ پڙهائيندي رهي. ساڳئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿي، جتي پروفيسر ۽ ڊين پڻ رهي. 1976ع ۾ اسڪالرشپ تي آمريڪا وئي، جتان Ph.D جي ڊگري مڪمل ڪري ڏيھه موٽي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سندس ڪي ڪھاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون. سنڌ ۾ عورتن جي تعليمي ترقي ۽ سجاڳيءَ جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن مارئي هاسٽل جي پرووسٽ ۽ ماڊل اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور پڻ ڪم ڪيو. 1998ع ۾ رٽائرمينٽ کان 6 مھينا پھرين سنڌ يونيورسٽي جي نگران وائيس چانسلر پڻ رهي. 19 مارچ 2022ع تي ڄامشوري ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو